My WordPress Blog

ٻارن کي تيز موٽر سائيڪل هلائڻ کان روڪڻ تي جهيڙو، فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

0

ڪراچي: (م ڊ ) ڪراچي جي علائقي بلديه اتحاد ٽائون ۾ ٻارن کي تيز موٽر سائيڪل هلائڻ کان روڪڻ تي جهيڙي دوران فائرنگ سبب 2 سڳا ڀائر مارجي ويا آهن. پوليس موجب ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون، خان محمد چوڪ ويجهو جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر مارجي ويا. مقتولن جي سڃاڻپ حسين امين ۽ فاروق امين جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران خبر پئي آهي ته فائرنگ جو واقعو ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ ٿيو. مقتول خان محمد ڪالوني جا رهواسي هئا جڏهن ته سندن اباڻو تعلق مردان سان هو. پوليس موجب جهيڙو ٻارن کي تيز موٽر سائيڪل هلائڻ کان منع ڪرڻ تي ٿيو. مقتول هڪ پاپڙ ٺاهيندڙ ڪارخانو هلائيندو هو ۽ فائرنگ جو واقعو  مقتول جي ڪارخاني ويجهو پيش آيو. پوليس موجب اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو آهي ته جن ٻارن سان جهيڙو ٿيو انهن پنهنجن وڏن کي فون ڪري گهرايو ۽ ٻارن طرفان فون ڪرڻ جي ڪجهه دير کان پوءِ فائرنگ ٿي. پوليس موجب مقتول فاروق پنج ٻارن جو پيءُ هو ۽ مقتول حسين 2 ڌيئرن جو پيءُ هو. پوليس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.