My WordPress Blog

مسلم ليگ(ن) جي دٻاءُ تي اسان جي اميدوارن کي تير جو نشان نه پيو ڏنو وڃي: بلاول ڀٽو

0

شهدادڪوٽ: (رپوٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) جي دٻاءُ تي اسان جي اميدوارن کي تير جو نشان نه پيو ڏنو وڃي. رپورٽ موجب قمبرشهدادڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جنهن تي عوام جو ڀروسو آهي.  اسان کي  ويجهڙ ۾ چونڊون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. پيپلز پارٽي جي چونڊ مهم ڪافي وقت کان جاري آهي. پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جنهن کي عوام جو ڀروسو حاصل آهي. هن چيو ته پراڻا سياستدان نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪري رهيا آهن. ورهاست ۽ نفرت جي سياست هاڻ نه هلندي. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته مسلم ليگ(ن) سياسي مقابلو نٿي ڪرڻ چاهي اها سياسي مخالفن کي پچ تان ئي آئوٽ ڪرڻ چاهي ٿي. هن وقت ملڪ ۾ ٻن پارٽين تير ۽ شينهن جو مقابلو آهي، اميد آهي عوام تير جو ساٿ ڏيندو. بلاول ڀٽو هڪ دفعو ٻيهر تنقيد ڪندي چيو ته پراڻا سياستدان نفرت ۽ ورهاست جي ڳالهه ڪري رهيا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي اها واحد پارٽي آهي جيڪا عوام تي ڀروسو ڪندي آهي. عوام نئين سياست ۽ نئين سوچ جو ساٿ ڏئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.