My WordPress Blog

عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف داخل ڪيل اپيل تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري

0

لاهور: (م ڊ ) عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل تي لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ باني جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي جنهن ۾ عمران خان طرفان عزيز بهنڊاري ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي باني قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 لاهور ۽ 89 ميانوالي تان چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. ٻنهي جڳهه جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ توشه خانه جو الزام ساڳيو آهي. اين اي 122 ۾ تائيد ڪندڙ جو تڪ نه هجڻ جو الزام لڳايو ويو. قانون موجب 2 سال سزا تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪري سگهجن ٿا. عدالت ۾ دليل ڏيندي وڪيل وڌيڪ چيو ته اين اي 89 ۾ توشه خانه جي سزا کان علاوه ٻيو ڪوبه الزام نه آهي. توشه خانه ۾ سزا بي بنياد جواز ڄاڻائي ٻڌائي وئي. عدالتي فيصلن ۾ بي بنياد شين جي ڪابه تشريح موجود نه آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواستگذار کي بنا ڪنهن جواز جي سزا ٻڌائي وئي؟ ڪيتري سزا ٻڌائي وئي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته انهي معاملي تي عدالت جي مدد ڪندس، درخواستگذار کي 2 سزائون ٻڌايون ويون آهن. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته ريٽرننگ آفيسر(آر او) ۽ اپيليٽ ٽربيونل توشه خانه جي دليلن تي ڀاڙيو آهي، جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن کي سڀاڻي جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.