My WordPress Blog

عام چونڊون 2024: ٿرپارڪر مان شاهه محمود قريشي کي مور جو نشان ڏنو ويو

0

اسلام آباد: (م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي کي ٿرپارڪر جي تڪ اين اي 214 تي مور جو نشان ڏنو ويو آهي. ريٽرننگ آفيسر طرفان جاري ڪيل فارم 33 موجب ٿرپارڪر جي 6 تڪن تي گڏيل طور تي 86 اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويا آهن انهن مان اين اي 214 تي 11 اميدوارن کي نشان مليا آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان ٿرپارڪر جي تڪ اين اي 214 تي پي ٽي آءِ جي اميدوار شاهه محمود قريشي کي مور جو نشان ڏنو ويو آهي. اين اي 214 تي اميدوار مهرالنساءَ کي هوائي جهاز جو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. اين اي 215 تي 20 اميدوارن جڏهن ته پي ايس 52 تي 11، پي ايس 53 تي 14، پي ايس 54 تي 12 ۽ پي ايس 55 تي 18 اميدوارن کي نشان الاٽ ڪيا ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.