My WordPress Blog

پي ٽي آءِ سينيٽر فلڪ ناز چترالي کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر فلڪ ناز چترالي کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. فلڪ ناز چترالي اڏام اي ڪي 615 جي ذريعي اسلام آباد ايئرپورٽ کان دبئي وڃي رهي هئي ته کيس جهاز مان آف لوڊ ڪيو ويو. ذريعن موجب سينيٽر فلڪ ناز چترالي جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو جنهن جي ڪري کيس ايف آءِ اي اختيارين آف لوڊ ڪيو. ياد رهي ته 9 مئي واقعن کان پوءِ تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اڳواڻن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.