ڪراچي: (رپوٽر) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سندس مڙس سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اليڪشن ٽربيونل طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا طرفان سندس پٽ حسنين مرزا طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ريٽرننگ افيسر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا، اليڪشن ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو هو. ياد رهي ته 8 جنوري تي اليڪشن ٽربيونل اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سندس مڙس اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جون اپيلون رد ڪندي ريٽريننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو هو. درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي بينڪ جو قرضدار هجڻ تي چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا اين اي 223 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. جڏهن ته اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ذوالفقار مرزا پي ايس 70، 71 ۽ 72 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.