ميرپورماٿيلو اوٻاڙو جي ڳوٺ محمد ڀٽو جي رهواسين جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو
ميرپورماٿيلو (رپورٽر) اوٻاڙو جي ڳوٺ محمد ڀٽو جي رهواسي ڀٽو برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جو ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو اوٻاڙو ۽ ڏهرڪي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، اوٻاوڙو پوليس سياسي ونگار وهندي گھرن ۾ داخل ٿي ڪري نوجوان سارنگ ٻٽو سندس ڀاڄائي ۽ نوجوان قابل ڀٽو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي جيڪو ظلم آھي ڳوٺاڻا ، تفصيل موجب اوٻاوڙو جي ڳوٺ محمد ڀٽو جي رھواسي ڀٽو برادري جي عورتن ، مردن ، ۽ ٻارڙن پوليس جي زيادتين خلاف ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ غلام رسول ڀٽو، مسمات جنت، مسمات اشرف ڀٽو ۽ ٻين چيو ته 2 ڏينهن اڳ ڏهرڪي ۽ اوٻاڙو پوليس چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪري سارنگ ڀٽو سندس ڀاڄائي مسمات حسينه ڀٽو ۽ قابل ڀٽو کي کنڀي کڻي ويا آهن جنهن کي 2 ڏينهن گذري ويا آهن پر ھن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه ٿو ملي ته ھنن کي ڪٿي گم ڪيو ويو آهي هنن الزام هنيو آهي ته پوليس بااثر پ پ پ اميدوار جي ونگار وهندي اسان جي ماڻهن کي هيسائڻ خاطر کنڀي گم ڪيو آهي جيڪا اسان سان ناانصافي آهي هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته سندس انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…