رتوديرو (رپورٽ پرويز ٻپڙ) رتيديري ۾ گئس جي لائين ليڪ ، باه ڀڙڪي پئي ، معصوم ٻارڙو باه ۾ سڙي زخمي ، محلي واسين جو احتجاج ، تدارڪ جي اپيل : تفصيل موجب رتوديرو ۾ سوئي گئس انتظاميه جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب شهر جي حسن پور پاڙي ۾ لڳل گئس لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن سبب باه ڀڙڪي پئي باه سبب گهٽيءَ ۾ پنهنجي گهر اڳيان راند کيڏندڙ 3 ورهين جو نينگر عبدالسلام پٽ شڪيل احمد بوزدار سڙي زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن پاران علاج لاءِ لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي باه ڀڙڪڻ سبب محلي واسين ۾ پڻ خوف ڇائنجي ويو هوڏانهن گئس انتظاميه جي اهڙي لاپرواهي ۽ نااهلي خلاف محلي واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا آڏ دانهيندي غلام فريد سولنگي ، جاڙو خان جاگيراڻي ، معشوق علي جويو ، نور حسين جلباڻي ، غلام حيدر ڏاهاڻي ، الله ڏنو ويسر ، عامر علي ۽ ٻين چيو ته اسان گئس انتظاميه پاران ملندڙ هزارين روپين جا بل به باقائدگي سان ادا ڪريون ٿا پر ان هوندي به محلي واسين کي ڪا سهوليت ناهي هنن چيو ته اڳ ۾ به اهڙا واقعا ٿيا آهن جنهن جون اسان سوئي گئس انتظاميه رتوديرو وارن کي شڪايتون به ڪيون آهن پر انهن شڪايتن جو به هن وقت تائين ڪو ازالو ڪو نه ٿيو آهي مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ سوئي گئس انتظاميه وارا اگھور ننڊ ستل آهن رڳو خالي آسرا ڏئي موٽائي ڇڏن ٿا هنن چيو ته گئس لائين ليڪ ٿيڻ سبب باه جا شعلا 5 فوٽن تائين ڀڙڪي رهيا هيا جنهن مان ڪو به وڏو نقصان ٿيڻ جو خطرو هيو باه کي بند ڪرڻ لاءِ اسان سوئي گئس انتظاميه وارن سان بار بار رابطو ڪندا رهياسين پر اهي به پنهنجي مرضي تي آيا هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته هن طرف ڌيان ڏئي محلي واسين جو هي مسئلو حل ڪيو وڃي