My WordPress Blog

تحريڪ انصاف کي سرٽيفڪيٽ ان وقت ملي سگهي ٿو جڏهن چونڊون پارٽي جي آئين موجب ٿين: سپريم ڪورٽ

0

اسلام آباد: (م ڊ )  سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف کي بيٽ جو نشان واپس ڪرڻ تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن طرفان داخل درخواست تي لائيو ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت بلالي ريمارڪس ڏنا  ته سرٽيفڪيٽ ان وقت ملي سگهي ٿو جڏهن چونڊون پارٽي جي آئين موجب ٿين. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس مسرت بلالي تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ جا وڪيل سينيٽر علي ظفر، حامد خان ۽ اليڪشن ڪميشن جا وڪيل مخدوم علي خان سپريم ڪورٽ پهچي ويا آهن. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اچي ويو آهي. پي ٽي آءِ وڪيل حامد خان چيو ته فيصلو پڙهيو آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ بهترين فيصلو لکيو آهي. عدالت طرفان حامد خان کي گهرائڻ تي بيرسٽر علي ظفر دليلن جي لاءِ روسٽرم تي اچي ويو. هن  دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته اڄ پارٽي طرفان ٽڪيٽ جمع ڪرائڻ جو آخري ڏينهن آهي، وقت گهٽ آهي ان لاءِ جلدي دليل مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. جنهن تي چيف جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اسان وٽ به وقت گهٽ آهي، ڇو ته اسان کي فيصلو به لکڻو آهي. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته 2 سوال آهن ته ڇا عدالتي اختيار هو يا نه؟ ڇا اليڪشن ڪميشن وٽ انٽرا پارٽي چونڊ جي جاچ جو اختيار آهي يا نه؟ بيرسٽر علي ظفر چيو ته نه آئين نه ئي اليڪشن ايڪٽ اليڪشن ڪميشن کي انٽرا پارٽي چونڊن جي جائزي جي اجازت ڏئي ٿو. چونڊ نشان کي انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ جي ڪري نٿو روڪي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 17 ٻن طرح جون سياسي پارٽيون ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿو. سپريم ڪورٽ به آرٽيڪل 17 ٻه جي تفصيلي تشريح ڪري چڪي آهي. اليڪشن هڪ چونڊ نشان تي وڙهڻ سياسي پارٽي جي حق ۾ شامل آهي. هن چيو ته سياسي پارٽي کي انٽرا پارٽي چونڊ جي بنياد تي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ آٽيڪل 17 ٻه جي ڀڃڪڙي آهي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سان امتيازي سلوڪ رکيو آهي. اليڪشن ڪميشن بيٽ جو نشان ڦري ظاهري طور بدنيتي ڪئي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته هي چونڊ نشان ڇا هوندو آهي، اسان کي خبر آهي جيڪڏهن ايوب خان جي دور جي ڳالهه ڪريون ته پاڪستان جي سياسي پارٽين جي هڪ تاريخ آهي. پيپلز پارٽي کان ماضي ۾ تلوار جو نشان واپس ورتو ويو، پوءِ  پيپلز پارٽي پارليامينٽرين بڻجي. هڪ ٻئي سياسي پارٽي مسلم ليگ به اهڙو ئي وقت ڏٺو پر ان وقت حڪومت ۾ ڪير هو اهو به ته ڏسڻو آهي. اڄ جي ۽ ان وقت جي صورتحال ۾ تمام وڏو فرق آهي تڏهن سپريم ڪورٽ جي ججز پي سي او جي تحت کنيو هو. اڄ تحريڪ انصاف جا مخالف حڪومت ۾ ئي نه آهن. چيف جسٽس بيرسٽر علي ظفر کي چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل ۾ ٽرائل کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن سڀاڻي هو ٻاهر اچي چئي ڇڏي ته ڪنهن کي چونڊي ڇڏيو آهي ته ڇا ٿيندو؟  جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن تي الزام لڳائي ٿي ته ان جي حڪومت ۾ ڪير هو؟ ڇا پي ٽي آءِ پاڻ چيف اليڪشن ڪميشن کي مقرر نه ڪيو آهي؟ پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت واري اسٽيبلشمينٽ جو ذڪر نٿي ڪري. ان وقت سڀ صحيح هو هاڻ پي ٽي آءِ چوي ٿي ته سڀ ادارا انهن جي خلاف ٿي ويا آهن. ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار چٽو صاف ۽ سخت ترين رهيو. پي ٽي آءِ جيڪڏهن صرف الزام تراشي ۽ سياسي ڊرامو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان سان ادارا ڪمزور ٿيندا بيرسٽر علي ظفر چيو ته اي اين پي جا ضلعي صدر به بنا مقابلي چونڊجيا هئا، اي اين پي کي اڄ ڏنڊ لڳائي انٽرا پارٽي چونڊون عام چونڊن کان پوءِ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فنڊنگ جو معاملو به 2014 کان پيل آهي جيڪو اوهان هلڻ نٿا ڏيو، ملڪ هلائيندڙ ڪير هوندا آهن ان جي به عوام کي خبر هجڻ گهرجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.