My WordPress Blog

باقراڻي جي صحافي جي والد تي حملو ڪندڙ بااثر رٽائرڊ صوبيدار ۽ سندس پٽ گرفتار ، پوليس جوابدار بااثر رٽائرڊ صوبيدار کي ڇڏي ڏنو ، صحافين جو احتجاج

0

باقراڻي ( رپورٽر ) باقراڻي جي صحافي جي والد تي حملو ڪندڙ بااثر رٽائرڊ صوبيدار ۽ سندس پٽ گرفتار ، پوليس پنهنجي پٽي ڀائي جوابدار بااثر رٽائرڊ صوبيدار کي ڇڏي ڏنو ، صحافين جو احتجاج ، مک جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو . خبر موجب : پريس ڪلب باقراڻي جي جنرل سيڪريٽري احمد نواز بلوچ جي پيرسن والد تي حملو ڪندڙ جوابدار بااثر رٽائرڊ صوبيدار محمد بخش بروهي سندس پٽ قادر بروهي کي باقراڻي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد پنهنجي پٽي ڀائي بااثر رٽائرڊ صوبيدار محمد بخش بروهي کي اهو چئي ڇڏي ڏنو ته جوابدار بيمار آهي ، جڏهن ته اهڙي واقعي جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو آهي ، هوڏانهن پريس ڪلب باقراڻي جي صحافين لالا برڪت بلوچ ، ياسين مشوري ، سيد اياز شاهه ، نثار احمد شيخ ، محمد عالم تنيو ، آصف تنيو ، احمد نواز بلوچ ، بشير شيخ ، حبيب الرحمان ڀاڳت ، غلام نبي حالتي ۽ ٻين مک ملوث جوابدار جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي کان مطالبو ڪيو ته بنا دير صحافي جي پيرسن والد مٿان حملو ڪندڙ بدمست رٽائرڊ صوبيدار ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ، نه ته ٻئي صورت ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي صحافين پاران ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو .

Leave A Reply

Your email address will not be published.