راولپنڊي: (م ڊ ) دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو جوڊيشل ريمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ملڪ اعجاز اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي خلا 9 مئي جي 12 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ عمران خان طرفان سندس وڪيل ملڪ فيصل ۽ شهباز کوسه پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران پوليس عمران خان جي 30 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. عدالت عمران خان کي 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ 14 ڏينهن جو جوڊيشل ريمانڊ ڏئي ڇڏيو.