اسلام آباد: (م ڊ ) صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جج مظاهر علي اڪبر نقوي جي استعيفيٰ کي منظور ڪري ورتو آهي. عارف علوي وزيراعظم جي مشاورت سان آرٽيڪل 179 جي تحت استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. گذريل ڏينهن جسٽس مظاهر اڪبر نقوي پنهنجي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ 10 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ کان اڳ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، مظاهر نقوي استعيفيٰ ۾ لکيو هو ته هاڻوڪين حالتن ۾ ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي رهيو. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي سندس خلاف اڄ 11 جنوري تي ٻڌڻي ٿيڻي هئي. مظاهر علي اڪبر نقوي جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي جاري هئي. گذريل ڏينهن جسٽس مظاهر نقوي سپريم جوڊيشل ڪونسل جي نوٽيس تي تفصيلي جواب به جمع ڪرائي ڇڏيو هو جنهن ۾ هن پاڻ تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي چيو هو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جج جي خلاف ڄاڻ وٺي سگهي ٿي پر ڪونسل جج جي خلاف ڪنهن جي شڪايت تي ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. تفصيلي جواب ۾ چيو ويو هو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل طرفان جاري حڪم رولز جي توهين برابر آهن. رولز موجب ڪونسل کي ڄاڻ ڏيندڙن جو ڪارروائي ۾ ڪوبه ڪردار نه هوندو آهي. منهنجي مٿان لڳايل الزام ڪوڙا آهن. غلام محمد ڊُگر ڪيس ۾ ڪو رليف نه ڏنو ۽ نه ئي وري زاهد رفيق کي رليف ڏنو آهي.