اسلام آباد: (م ڊ ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بزدار گذريل پنجن سالن دوران لک پتي مان ارب پتي بڻجي ويو آهي. رپورٽ موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار جي اثاثن جي تفصيلن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پنج سال اڳ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جا اثاثا 8 لک روپيه هئا، جهن ته گذريل 3 سالن ۾ عثمان بزدار جي اثاثن ۾ 45 سئو ڪنال ايراضي جو اضافو ٿيو آهي. 2 سالن دوران 3900 ڪنال زمين، 15 پلاٽ، ڪروڙين روپين جون نيون گاڏيون ۽ بينڪ بيلنس ۾ به اضافو ٿيو آهي. 2018 ۾ عثمان بزدار جي اثاثن جي ماليت 7 لک 62 هزار روپيه هئي. اهي انگ اکر هن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندي وقت اليڪشن آفيس ۾ جون 2018 ۾ جمع ڪرايا هئا. هلندڙ سال يعني 2024 ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثن جي ماليت 55 ڪروڙ ٻڌائي آهي جڏهن ته عثمان بزدار جا اثاثا خاص طور تي هزارين ڪنال زمين جي ماليت چار ارب روپين جي لڳ ڀڳ آهي. عثمان بزدار طرفان سمورن اثاثن، ملڪيتن، سون، گاڏين ۽ چوپائي مال جي ٽوٽل قيمت ساڍا 3 ڪروڙ روپيه ٻڌائي وئي آهي. نامزدگي ڪاغذن ۾ اهو انڪشاف سامهون آيو آهي ته گذريل سال عثمان بزدار 2024 ڪنال زمين 62 لک جي حاصل ڪئي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير 1698 ڪنال 13 هزار روپيه ڪنال جي حساب سان زمين خريد ڪئي. عثمان بزدار ڪيتري ئي زمين ڊي جي خان ۾ ڏيکاري آهي. 203 ڪنال زمين سلاري ڪوهه سليمان، 35 ڪنال زمين خانيوال، هڪ ڪنال پلاٽ شرقي ڊي جي خان، 15 پلاٽ ڊي جي خان ۽ تونسه شريف جي مختلف هنڌن تي ورتا ويا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير تقريبن 2 ڪروڙ جون گاڏيون به حاصل ڪيون آهن. جڏهن ته عثمان بزدار جي گهرواري جي ملڪيت ۾ ڊي جي خان ۾ 18 مرلن جو پلاٽ، فور منرو ۾ 2 ڪنال جو پلاٽ، تونسه ۾ 19 مرلا ۽ 1 ڪنال جا 2 پلاٽ ۽ 20 مرلن جو پلاٽ، جڏهن ته سٽي ۾ 1 پلاٽ هو.