My WordPress Blog

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0

اسلام آباد: (م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن ۾ سندس مٿان اثاثن بابت الزام هئا جڏهن ته سندس هڪ مبينه آڊيو به سامهون آئي هئي. جڏهن ته جسٽس مظاهر اڄ انهي سلسلي ۾ ڪونسل کي پنهنجو تفصيلي جواب پڻ جمع ڪرائي ڇڏيو هو. جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي ڏانهن اماڻي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي لاءِ پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکڻ هاڻ ممڪن نه آهي. مون لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فرض انجام ڏنا. جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي جواب ۾ پاڻ مٿان لڳل الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جج جي خلاف ڄاڻ وٺي سگهي ٿو پر ڪونسل جج جي خلاف ڪنهن به شڪايت تي ڪارروائي نٿو ڪري سگهي. تفصيلي جواب ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل طرفان جاري ڪيل حڪم رولز جي توهين جي برابر آهن. رولز موجب ڪونسل کي ڄاڻ ڏيندڙن جو ڪارروائي ۾ ڪوبه ڪردار نه هوندو آهي. جسٽس مظاهر نقوي اٽارني جنرل جي بطور پراسيڪيوٽر مقرري تي به اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته ڪونسل ۾ هڪ شڪايت ڪندڙ پاڪستان بار ڪونسل به آهي. اٽارني جنرل شڪايت ڪندڙ پاڪستان بار ڪونسل جو چيئرمين آهي ۽ بار ڪونسل جي شڪايت سياسي ۽ پي ڊي ايم حڪومت جي چوڻ تي داخل ڪئي وئي آهي. جسٽس مظاهر پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان بار جي 21 فيبروري تي ان وقت جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي، شهباز شريف سان ملاقات جي ڏينهن ئي پاڪستان بار شڪايت داخل ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شوڪاز جو جواب جمع ڪرائڻ کان اڳ ئي گواهن کي طلب ڪرڻ جو حڪم قانون جي خلاف آهي اهي الزام سراسر غلط آهن ته مون سان ڪوبه ماڻهو آساني سان رابطو ڪري سگهي ٿو. غلام محمد ڊوگر ڪيس پاڻ پهنجي سامهون مقرر نٿي ڪري سگهيس اهو انتظامي معاملو آهي، جڏهن ته مون غلام محمد ڊوگر ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه رليف نه ڏنو هو. جسٽس مظاهر پنهنجي جواب ۾ چيو ته لاهور ڪينٽ ۾ خريد ڪيل گهر ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر ڪيو آهي. ايس ٽي جونز پارڪ واري گهر جي قيمت ڊي سي ريٽ موجب لڳايو وئي هئي. گوجرانوالا ۾ خريد ڪيل پلاٽ جج بنجڻ کان اڳ جو آهي جنهن کي مون اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي. جسٽس مظاهر چيو ته مون اختيارن جو ناجائز استعمال نه ڪيو آهي. زاهد رفيق نالي شخص کي ڪوبه رليف نه ڏنو نه ئي منهنجو ان جي واپار سان ڪو تعلق آهي. منهنجي پٽن کي جيڪڏهن زاهد رفيق پلاٽ ڏنو آهي ته ان سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي. ٻئي پٽ وڪيل ۽ 2017 کان ٽيڪس گوشوارا جمع  ڪرائيندا پيا اچن. جڏهن ته جسٽس فائز ڪيس ۾ طئي ٿيل اصول آهي ته ٻارن جي معاملي تي ڪونسل ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پارڪ روڊ اسلام آباد جي پلاٽ جي ادائيگي پنهنجي سيلري اڪائونٽ مان ڪئي هئي جڏهن ته الائيڊ پلازه گوجرانوالا سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي. جسٽس مظاهر نقوي سپريم جوڊيشل ڪونسل کان شڪايت رد ۽ ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي. ياد هي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جسٽس مظاهر نقوي جي سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.