پشاور: (م ڊ ) پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ چونڊ نشان بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان بيٽ بحال ڪري ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۽ بيٽ جي نشان بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت سڳوري جي جج جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس سيد ارشد علي پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران قاضي جاويد ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته منهنجو موڪل پي ٽي آءِ جي مرڪزي آفيس مان ڄاڻ وٺڻ چاهي ٿو جيڪا انهي کي ناهي ملي سگهي. ميڊيا کان خبر پئي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون ٿيون، اسان درخواست ڏني ته چونڊون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن منهنجو موڪل چونڊن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو پر ان کي موقعو نه ڏنو ويو. جسٽس اعجاز انور سوال ڪيو ته اوهان اهو ڇو نه چيو ته انٽرا پارٽي چونڊون ٻيهر ڪرايون وڃن؟ اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي چونڊون ڪالعدم قرار ڏنيون ته اوهان کي گهرجي ها ته ٻيهر چونڊن جو مطالبو ڪريون ها، اوهان جيڪڏهن پارٽي ۾ هئا ته پارٽي نشان واپس وٺڻ تي اوهان کي اعتراض ڪرڻ گهرجي ها جيڪو اوهان نه ڪيو. وڪيل قاضي جاويد چيو ته اسان کي ته چونڊن ۾ موقعو نه ڏنو ويو ان لاءِ هنن جي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ وياسين. جسٽس اعجاز انور چيو ته پشاور ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون ٿيون جنهن کي اليڪشن ڪميشن ڪالعدم قرار ڏنو. پشاور هاءِ ڪورٽ کي پٽيشن ٻڌڻ جو اختيار ڪيئن نه آهي. قاضي جاويد ايڊووڪيٽ چيو ته اختيار جي دائري جو سوال انتهائي اهم آهي. پي ٽي آءِ ته لاهور هاءِ ڪورٽ به وئي اتي به انهن جي درخواست رد ٿي. جسٽس اعجاز انور چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ لکيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ هي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي پشاور هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو. جسٽس ارشد علي سوال ڪيو ته هڪ ڀيرو شيڊول جاري ٿيو پوءِ ڪيئن چونڊ نشان جو فيصلو ٿي سگهي ٿو. ڇا سياسي پارٽي بنا چونڊ نشان جي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿي. شڪايت ڪندڙ جي وڪيل طارق آفريدي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 192 جي تحت اليڪشن ڪميشن وفاقي ادارو آهي ان جا معاملا پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌي سگهجن ٿا، پشاور هاءِ ڪورٽ جو هن معاملي تي اختيار جو دائرو نٿو بڻجي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ درخواستگذارن، اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان بيٽ بحال ڪري ڇڏيو. مختصر فيصلي ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ 3 اهم پوائنٽس ٻڌايا جن ۾ عدالت قرار ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جو 22 ڊسمبر جو فيصلو غير آئيني آهي، پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جو سرٽيفڪيٽ ويب سائيٽ تي جاري ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ بيٽ نشان جي حقدار آهي ان ڪري ان کي چونڊ نشان بيٽ ڏنو وڃي.