My WordPress Blog

توشه خانه ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو

0

راولپنڊي: (م ڊ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي تي توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڊيالا  جيل ڪورٽ روم ۾ ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ باني جا وڪيل ۽ نيب جو ڊپٽي پرسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي به ٽيم سان گڏ عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو. ان دوران پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. عدالت جوابدارن  آڏو عدالت ۾ چارج شيٽ پڙهي ٻڌائي. چارج شيٽ ٻڌڻ کان پوءِ جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ڪاپي ڏني وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران عدالت جوابدارن ۾ توشه خانه ڪيس جي ڪاپي ورهائي ڇڏي هئي پر بشريٰ بي بي جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ڪئي وئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.