ڪوئٽه: (م ڊ ) عام چونڊن 2024 ۾ ريٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اميدوارن جي اپيلن تي اليڪشن ٽربيونلز ۾ ٻڌڻيون جاري آهن. ڪوئٽه ۾ جسٽس محمد هاشم ڪاڪڙ ۽ جسٽس محمد عامر نواز رانا تي ٻڌل بينچز اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ٽربيونلز بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار ثناءُالله زهري جي خلاف تڪ اين اي 26 تان داخل ڪيل اپيل رد ڪندي کيس اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٽربيونل سردار اختر مينگل کي به اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي جڏهن ته پي پي 16 تان مسلم ليگ(ن) جي اميدوار فائق جمالي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو.