جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ممتاز جکراڻي کي پرچائڻ لاءِ مراد علي شاهه وفد سميت پهچي ويو وفد ۾سردار خان چانڊيو، فياض ٻٽ، مڪيش ڪمار چاولا، سيد ناصر شاھه ۽ ٻيا موجود هئا اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پي ايس 3 ڳڙهي خيرو تان هٿ کڻي پ پ اميدوار اورنگزيب پنھور جي حمايت ڪريو ممتاز جکراڻي جو چوڻ هو ته 2 ڀيرا ايم پي رهيس، نظرانداز ڪري هارايل شخص کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي