My WordPress Blog

گھوٽڪي کان ڀٽ شاھ طرف زيارتن لاء ويندڙ مسافر ڪوچ جو ڪار سان ٽڪر ھالا قومي شاھراھ تي المدينہ ھوٽل وٽ خوفناڪ حادثو پيش آيو

0

ھالا (رپورٽ خادم ابڙو)گھوٽڪي کان ڀٽ شاھ طرف زيارتن لاء ويندڙ مسافر ڪوچ جو ڪار سان ٽڪر ھالا قومي شاھراھ تي المدينہ ھوٽل وٽ خوفناڪ حادثو پيش آيو،مسافر ڪوچ ۽ ڪار جي ٽڪر بعد ڪوچ بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي پئي،جنھن مان مسافر ڪوچ کي باھ وڪوڙي وئي،ان موقعي تي موٽروي پوليس جي مدد سان مسافرن کي ڪوچ کان ٻاھر ڪڍيو ويو، ۽ ڪجھ مسافرن  پنھنجي مدد پاڻ گاڏي جا شيشا ٽوڙي نڪري پنھنجي جان بچائي ورتي، ڪوچ ۾ 40 کان وڌيڪ مسافر سوار ھئا،جنھن مان 7 کان وڌيڪ مسافر مامولي زخمي ٿي پيا،زخمين ۾ سھيل جاگيري،واصف دل،جبل جلالي،شمن دل ۽ ٻيا شامل آھن، ۽ ڪار ۾ ويٺل ماڻھون بہ مڪمل طور محفوظ رھيا،ان موقعي تي موٽروي پوليس قومي شاھراھ ٻنھين طرفن کان بند ڪري ڇڏيو،جڏھن تہ موٽروي پوليس پاران فوري طور فائربرگيڊ گاڏي کي طلب ڪري ورتو،ھالا ميونسپل ڪميٽي ۾ فائربرگيڊ گاڏي ھڪڙي موجود ھئي سابہ خراب ھجڻ ڪري دير سان پھچڻ سبب مسافر ڪوچ ٽن ھسن کان وڌيڪ سڙي چڪي ھئي،ان موقعي تي مسافرن، موٽروي پوليس، شھرين ۽ بعد ۾ فائربرگيڊ جي گڏيل مدد سان ڪوچ کي لڳل باھ تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر باھ آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳي ۽ باھ تي ظابطو نہ اچي سگھيو،ٽن ڪلاڪن تائين مسافر ڪوچ باھ جي گھيري ۾ رھي ۽ سڄي سڙي رک ٿي وئي، جڏھن تہ مسافر گھڻي جاني نقصان کان محفوظ رھيا ۽ معمولي زخمي ٿي پيا،پوليس موجب ھالا قومي شاھراھ تي المدينہ ھوٽل گھوٽڪي کان ڀٽ شاھ طرف ايندڙ ڪوچ جو غلط سائيڊ وٺڻ سبب ڪار سان ٽڪر ٿي پيو،جنھن بعد ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري بجلي جي ٿنڀي ۾ وڃي لڳي ۽ ڪوچ جي مٿان 11 ھزار تارون ڪري پيون جنھن مان ڪوچ کي باھ وڪوڙي ۽ مسافرن کي پنھنجي مدد ۽ موٽروي پوليس جي مدد سان صحيح سلامت ٻاھر ڪڍيو ويو ۽ ڪجھ مسافر معمولي زخمي ٿي پيا آھن،جن کي پنھنجي منزل طرف روانو ڪيو ويو آھي، ۽ فوري طور بجلي پڻ بند ڪرائي ڇڏي ھئي، جڏھن تہ فائربرگيڊ گاڏي،شھرين، ۽ موٽروي پوليس جي ڪوششن سان باھ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر مسافر ڪوچ مڪمل باھ جي لپيٽ ۾ اچي سڄي سڙي رک ٿي وئي، ۽ ڪوچ ڊرائيور ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس موجب فرارا ٿيل ڊرائيور کي جلد گرفتار ڪري ان مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ ان جو ڊرائيونگ لائيسنس پڻ رد ڪيو ويندو، ٻئي پاسي ھالا ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين گل محمد پنھور ٻڌايو تہ اسان جي فائربرگيڊ گاڏي موقعي تي پھچي وئي ھئي جڏھن تہ ڪجھ شرپسند ماڻھن پاران سوشل ميڊيا تي فائربرگيڊ گاڏي دير سان پھچڻ وارا ڪوڙا الزام ھنيا آھن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.