My WordPress Blog

پيپلز پارٽي چونڊن لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان مان اميدوارن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا

0

اسلام آباد: (م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي چونڊن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي لاءِ اميدوارن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تان ۽ اين اي اي 196 قمبر شهدادڪوٽ تان جڏهن ته آصف علي زرداري شهيد بينظير آباد تان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 تان چونڊن ۾ حصو وٺندا.   اڳوڻو ايم اين اي خورشيد شاهه اين اي 201 سکر، شازيه مري اين اي 209 سانگهڙ، نفيسه شاهه خيرپور جي جنرل سيٽ اين اي 202 تان ميدان ۾ لهندي. جڏهن ته شڪارپور ۾ قومي اسيمبلي لاءِ غوث بخش مهر جي پٽ شهريار مهر کي ٽڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي. ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 230 تان آغا رفيع الله، اين اي 231 تان عبدالحڪيم بلوچ، اين اي 242 ڪياماڙي تان عبدالقادر مندوخيل ۽ اين اي 243 تان عبدالقادر پٽيل چونڊن ۾ حصو وٺندا. نبيل گبول ڪراچي مان اين اي 239 ۽ ڄام عبدالڪريم جوکيو اين اي 229 تان چونڊن ۾ حصو وٺندا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 227 دادو تان عرفان لغاري، اين اي 228 تان رفيق احمد جمالي پيپلز پارٽي جا اميدوار هوندا. سنڌ اسيمبلي جي سيٽن لاءِ به پ پ طرفان اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن. سنڌ جو اڳوڻو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي ايس 77 ڄامشورو، فريال ٽالپر پي ايس 10 لاڙڪاڻو، شرجيل انعام ميمڻ پي ايس 61 حيدرآباد ۽ ناصر شاهه پي ايس 25 سکر تان چونڊن ۾ حصو وٺندا. جيڪب آباد ۾ صوبائي تڪ تي شير محمد مغيري، سهراب خان سرڪي ۽ اورنگزيب پنهور کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. ڪشمور ۾ عابد سندراڻي، عبدالرئوف کوسو ۽ محبوب بجاراڻي کي اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻو مان جميل سومرو، سهيل انور سيال ۽ الطاف انڙ اميدوار هوندا. قمبر شهدادڪوٽ ۾ نادر مگسي، سردار چانڊيو، نثار کهڙو، برهان چانڊيو اميدوار نامزد ڪيا ويا. گهوٽڪي جي صوبائي تڪن تان باري پتافي، محمد بخش مهر ۽ علي نواز مهر کي بيهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سکر جي چئن صوبائي تڪن تي ڄام اڪرام ڌاريجو، اويس شاهه، فرخ شاهه ۽ ناصر شاهه اميدوار هوندا. سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني پي ايس 9 شڪارپور، امتياز شيخ پي ايس 7 شڪارپور، سردار شاهه پي ايس 49 عمرڪوٽ، تيمور ٽالپر پي ايس 51 عمرڪوٽ، سعيد غني پي ايس 105 ڪراچي ۽ نجي عالم پي ايس 10 ڪراچي تان چونڊن ۾ حصو وٺندا. اڳوڻي صوبائي وزير عذرا پيچوهو پي ايس 36 شهيد بينظير آباد ۽ ڄام خان شورو پي ايس 60 حيدرآباد تان چونڊن ۾ حصو وٺندا. پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان مان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين تان اميدوارن جي نالن جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بي اي پي ۽ پي ٽي آءِ کان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سمورن اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن کي ٽڪيٽون ملي ويون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اين اي 251 تان عبدالباقي مردان زئي، اين اي 252 تام اسرار تزين، اين اي 254 تان غلام فريد رئيساڻي، اين اي 256 تان عبدالرحمان زهري، اين اي 257 تان عبدالوهاب بزنجو، اين اي 259 تان ملڪ شير گورگيج پ پ جا اميدوار هوندا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 261 تان اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُالله زهري، اين اي 262 تان محمد رمضان اچڪزئي، اين اي 263 تان روزي خان ڪاڪڙ، اين اي 264 تان جمال رئيساڻي، اين اي 265 تان خان محمد ترين ۽ اين اين اي 266 تان نذر محمد ڪاڪڙ پ پ جا اميدوار هوندا. اهڙي طرح بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 1 شيراني تان عبدالرحمان، پي بي 8 تان سرفراز ڊومڪي، پي بي 9 تان نصيب الله مري، پي بي 10 ڊيره بگٽي تان سرفراز بگٽي، پ پ جا اميدوار هوندا. بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 13 نصيرآباد تان صادق عمراڻي، پي بي 16 جعفر آباد تان چنگيز جمالي، پي بي 18 خضدار تان ثناءُالله زهري، پي بي 19 خضدار ٽو تان شڪيل دراني، پي بي 21 حب تان علي حسن زهري کي پارٽي جو ٽڪيٽ ڏنو ويو آهي. بلوچستان جي تڪ پي بي 23 آواران تان اڳوڻي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، پي بي 25 تان ظهور بليدي، پي بي 32 چاغي تان عارف جان محمد حسني ۽ پي بي 45 ڪوئٽه تان علي مدد جٽڪ پ پ جا اميدوار هوندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.