My WordPress Blog

فواد چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ ٻيهر رد، نااهلي جي تلوار لٽڪڻ لڳي، گهر واري نااهل قرار

0

راولپنڊي: (م ڊ ) فواد چوڌري جي نامزگي ڪاغذن جي منظوري جو حڪم واپس وٺڻ سان گڏوگڏ سندس گهر واري کي به چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ٽربيونل فواد چوڌري جي گهر واري جي 3 پرڏيهين دورن ۽ 9 بينڪ اڪائونٽس سامهون اچڻ کان پوءِ حبا چوڌري جي خلاف اعتراضن کي صحيح قرار ڏيندي کيس جهلم جي صوبائي تڪ تان چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي حبا چوڌري جي پرڏيهي دورن ۽ اسٽيٽ بينڪ اڪائونٽس جو رڪارڊ پيش ڪري ڇڏيو. حبا چوڌري بينڪ اڪائونٽس ۽ پرڏيهي دورا لڪايا هئا. ان سلسلي ۾ حبا چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ رد ۽ کيس نااهل ڪرڻ تي فواد چوڌري کي به طلب ڪيو ويو آهي.ان سان گڏ ئي فواد چوڌري جي اين اي 60 ۽ 61 تان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جو حڪمنامو به واپس ورتو ويو آهي. فواد چوڌري نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي گهر واري جا بينڪ اڪائونٽس، اثاثا ۽ پرڏيهي دورا لڪايا. اليڪشن ٽربيونل فواد چوڌري کي 9 جنوري جي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته ڇو نه اوهان کي به حقيقتون لڪائڻ تي نااهل قرار ڏنو وڃي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري واپس وٺڻ سان گڏ ئي فواد چوڌري تي به نااهلي جي تلوار لٽڪي وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.