My WordPress Blog

اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول کي تبديل ڪري: سينيٽ مان منظور ٿيل ٺهراءُ جو نوٽيفڪيشن جاري

0

اسلام آباد: (م ڊ )  8 فيبروري تي رٿيل چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ مان منظور ٿيل ٺهراءُ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي چونڊ شيڊول فوري طور تي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سينيٽ مان منظور ٿيل ٺهراءُ جي ڪاپي صدر عارف علوي، نگران وزيراعظم، اليڪشن ڪميشن، قانون ۽ انصاف واري وزارت سميت ٻين لاڳاپيل کاتن ڏانهن اماڻي وئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پارلياماني معاملن واري وزارت کي فوري طور تي ڪارروائي ڪري 2 مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو آهي ته ملڪ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي چونڊ شيڊول کي فوري طور تي تبديل ڪيو وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سينيٽ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.