My WordPress Blog

نواز شريف ۽ آصف زرداري خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي

0

اسلام آباد: (م ڊ ) احتساب عدالت نوازشريف ۽ آصف زرداري جي خلاف توشه خانه  ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوازشريف، آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني سميت ٻين جوابدارن خلاف توشه خانه گاڏين جي نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. نيب طرفان ضمني ريفرنس داخل نه ڪيو ويو. جج محمد بشير اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڪيسز جي ٻڌڻي  هجڻ سبب هن ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ هاڻ ايندڙ ٻڌڻي 15 جنوري تي ٿيندي. احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس موجب يوسف رضا گيلاني تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف کي غيرقانوني طور تي گاڏيون الاٽ ڪرڻ جو الزم آهي. ريفرنس موجب آصف زرداري ۽ نوازشريف جون ڪارون صرف 15 سيڪڙو قيمت ادا ڪري توشه خانه مان حاصل ڪيون ويون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.