ايبٽ آباد: (م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ خلاف داخل ڪيل اپيل کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي ايبٽ آباد مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 تي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل داخل ڪئي هئي جنهن کي ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪيو ويو آهي. عدالت اعظم سواتي جي اپيل تي نوازشريف کي سڀاڻي جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي اليڪشن ٽربيونل جو سربراهه جسٽس ڪامران حيات اپيل تي ٻڌڻي ڪندو.