My WordPress Blog

جسٽس مظاهر نقوي ٻئي شوڪاز نوٽيس جو تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ)  سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي سپريم جوڊيشل ڪونسل طرفان جاري ڪيل ٻئي شوڪاز نوٽيس تي تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته منهنجي خلاف شڪايتون بي بنياد آهن. هن پنهنجي موقف ۾ ٻڌايو ته کليل عدالت ۾ آئيني درخواستون ٻڌڻي هيٺ ٿيڻ کان پوءِ جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي بنا ڪنهن جواز جي آهي.سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪونسل جسٽس مظاهر نقوي کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏنو هو. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف جوڊيشل ڪونسل جو ايندڙ اجلاس 11 جنوري تي ٿيندو. ياد رهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جسٽس مظاهر نقوي کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏنو هو جڏهن ته جسٽس مظاهر نقوي جي خلاف ريفرنس بابت جوڊيشل ڪونسل جو ايندڙ اجلاس 11 جنوري تي ٿيندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.