نصيرآباد(عبدالقادر منگي )نوجوان اتحاد نصيرآباد جي اليڪشن ڪاميٽي پاران سيلڪشن ڪئي وئي جنهن ۾ سال 2024 لاء هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. صدر ساگر چانڊيو،سينئر نائب صدر توفيق علي ڪلهوڙو،نائب صدر غلام علي ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري سارنگ تنيو ساگري،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سالار علي نوناري، پريس سيڪريٽري شيراز علي چانڊيو،خزانچي زبير علي سومرو کي چونڊيو ويو.چونڊجي آيل عهدارن کي مالائون جا هار پارايا مبارڪون ڏنيون ويون.ان موقعي تي چونڊيل عھديدارن چيو تہ اسان کي جن دوستن اعتماد ڪري چونڊيو آهي اسين انهن جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.اسين شهر جي هر مسئلن سميت آواز اٿار ينداسين.