My WordPress Blog

نصيرآباد ۾ چورين ڦرن جو سلسلو رڪجي نہ سگهيو.هڪ رات ۾ چوري ۽ ڦر جون ٽي الڳ الڳ وارداتون

0

نصيرآباد(عبدالقادر منگي )۾ چورين ڦرن جو سلسلو رڪجي نہ سگهيو.هڪ رات ۾ چوري ۽ ڦر جون ٽي الڳ الڳ وارداتون.وڌندڙ بدامني تي عوام ۾ خوف پکڙجي ويو.سڄاڻ ڌرين پاران ايس ايس پي قمبر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.تفصيل موجب: پوليس اسٽيشن نصيرآباد جي حد ۾ وڌندڙ بدامني رڪجي نه سگهي. گذريل رات يوسي مرادي ۾ سوھو محلي لاءِ عبدالجبار سوھو،ماجد سوھو جن جي اوطاق تي لڳل ٽرانسفارمر ۽ ڳوٺ سعيد خان پنهور جي واٽر سپلائي تي لڳل ٽرانسفارمر مان نامعلوم چور ڪوائليون ڪڍي ويا.جڏهن ته وچ شهر ،نيشنل بينڪ ڀرسان نيشنل پريس ڪلب ۾ ويٺل پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر عامر ڪلھوڙو کان  2 نامعلوم ڦورو  پريس ۾ داخل ٿي سندس کان پسٽل جي زور تي موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. شهر ۾ وڌندڙ بدامني تي شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو .سڄاڻ ڌرين پاران ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف نوٽيس وٺي شهرين جون ٿيل چوريون واپس ڪرائڻ ۽ شهر جو امن امان بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.