ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي
شال سال 2023ع جي آخري سج جي پڄاڻيءَ سان گڏوگڏ انهيءَ ڪاري رات جي به پڄاڻي ٿئي، جنهن سال جو پل پل پوري سنڌ کي جهوريندو رهيو ۽ اڄ جو اڀرندڙ اڄوڪو سج سنڌ جي انهيءَ اميد جي روشني ثابت ٿئي، جيڪا اميد سنڌ جو عوام صدين کان دل ۾ سانڍيون پيو اچي.
اڄ پوري دنيا سميت سنڌ ۾ به ديوارن تي لڳل پراڻا ڪلينڊر لاٿا ويندا پر پوري دنيا ۾ اهو ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو ته هر ڪلينڊر لاهيندڙ شخص پراڻي ڪلينڊر سان گڏوگڏ سال جا ڏنل اهي درد به هٽائي سگهي، جيڪي درد هنن کي پراڻي سال ڏنا هئا پر ها هر شخص پنهجي دل ۾ انهيءَ اميد جا ڏيئا ٻاري سگهي ٿو ته ڪاش اڄ کان شروع ٿيندڙ نئون سال اسان جي سنڌ لاءِ انهن خوشين جو سامان ثابت ٿئي، جن خوشين جو سالن کان سنڌ جو ماڻهو رستو ڏسي ٿو ته ڪاش هن سال جا سڀ ڏينهن سنڌ جي انهيءَ اميدن جو سامان ثابت ٿئي جيڪا اميد سنڌ جي عوام جي سالن کان جوت بڻيل آهي، هر سال جيان هي سال به ڇا ڏيندو ڇا وٺندو؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر گذريل سال سان سوين شڪايتون ڪندي اهو ضرور چئبو ته گذريل سال سنڌ لاءِ انساني حقن جي لتاڙ، ٿر ۾ ڏڪار، سنڌ ۾ تباهي، قتل غارت ۽ دهشتگردي، جنهن ۾ عوام کي نه امن مليو، نه تعليم، نه صحت ۽ نه پاڻي ملي سگهيو، انهيءَ سال جا 365 ڏينهن ڪيئن گذريا هوندا؟ جنهن سنڌ جي مقدر ۾ حڪومت نالي ڪرپشن جا دڪان آهن، جنهن سنڌ ۾ سرڪاري ادارن نالي عوام جي تباهيءَ جو سامان آهي، جنهن سنڌ ۾ قانون نالي قانون جو ڏڪار آهي، جنهن سنڌ ۾ انساني حقن جي تحفظ نالي انساني حقن جي اها لتاڙ آهي جنهن تي پوري دنيا حيران آهي.
رپورٽن موجب 2023 ۾ پوري سنڌ ۾ ٻارڙن کي حراسان ڪرڻ جا واقعا پيش آيا، جڏهن ته ٻارڙن کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٻارڙن کي لڄالٽ کانپوءِ قتل به ڪيو ويو، هي سنڌ جي اها مختصر تصوير آهي جنهن مان آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ 2023 ڪيئن گذريو هوندو.
پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به سال نه آيو آهي جنهن ۾ ڪنهن سال گذريل سال کان گهٽ واقعا پيش ٿيا هجن، جنهن ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو اهو حال هجي اتي ڇا انهيءَ ملڪ جي قانون ۽ رياست جي هلندڙ وهنوار مان اهو محسوس نٿو ڪري سگهجي ته اتي ڪيترو قانون هوندو؟ اتي ڪيتري رياست جي اک کليل هوندي؟ جنهن ملڪ جي رياست انساني حقن جي ٽٽل ڦٽل تصوير ڏسڻ ۾ اچي ، انهيءَ رياست مان عوام کي ڇا ملندو؟ جنهن رياست ۾ روز ماڻهو گم ٿين ۽ حڪمرانن جو وار به نه چري، جنهن رياست ۾ عوام مرندو رهي ۽ حڪمران مزي سان حڪومت ڪندا رهن، جنهن رياست ۾ عوام جانورن جهڙو پاڻي پيئي ۽ حڪمران منرل واٽر استعمال ڪن ته انهيءَ ملڪ جي حڪمرانن مان عوام ڪهڙي اميد رکي سگهي ٿو ته هو تاريخ جي سڀ کان وڌ ۾ وڌ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ کي ڪو ٻنجو ڏيندا؟
2023 ۾ عوام سان ڇا ٿيو، عوام جو مهانگائيءَ سبب جيئڻ جنجال ٿي ويو، عوام جو بدامنيءَ سبب ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي، عوام جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، ملڪ معاشي طور ڪنگال ٿي ويو آهي، ملڪ مٿان قرضن جو بار ايترو ٿي ويو آهي جو حڪمران قرضن جي قسط لاهڻ لاءِ به قرض وٺن پيا، اهڙي صورت ۾ انهيءَ عوام جو ڇا ٿيندو جيڪو عوام مهانگائي، بدامني ۽ رياست جي انهيءَ دهشتگرديءَ جي گوليءَ جو کاڄ بڻجي ٿو جيڪا رياست جي گولي عوام کي ڪڏهن انساني حقن جي لتاڙ جي صورت ۾ لڳي ٿي ته عوام مهانگائيءَ جي صورت ۾، انهيءَ صورت ۾ عوام هڪ سال جي گذري وڃڻ جا سور ڳڻي ڳڻي پورا ڪري ٿو ته وري هڪ نئون سال شروع ٿئي ٿو، عوام وري جڏهن انهيءَ سال جا درد ڳڻي ٿو ته وري هڪ ٻيو سال اچي ٿو، سال جي اهڙي ڳڻپ دوران انسان ساهه کان آجو ٿي وڃي ٿو پر انهن عذابن مان جان نٿو ڇڏائي سگهي جيڪي عذاب هر سال ۾ سندس مقدر بڻجي ساٿ ڏين ٿا ۽ هر نئين سال ۾ اميد بڻجي جيئڻ جو سهارو ڏين ٿا ته شال هي سال اسان لاءِ اهي سک ۽ شانتيون آڻي جيڪي اسان هر سال جي پهرين اڀرندڙ سج ۾ رکندا آهيون، هي سال سنڌ لاءِ سک آڻي جن سکن لاءِ سنڌ جو ماڻهو هر سال جي نئين سج سان دعائون گهرندو آهي.