My WordPress Blog

مٺياڻي سينيئر صحافي تي نوشھروفيروز ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مٺياڻي مين چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو

0

مٺياڻي(  رپورٽر ڀورل ڀٽي )ڊسٽرڪٽ نيشنل پريس ڪلب نوشھروفيروز جي سينيئر صحافي تي نوشھروفيروز ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مٺياڻي مين چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ايس ايڇ او خلاف سخت نعريباري ڪئي وئي ايس ايڇ او هٽايو    نوشھرو بچايو  احتجاج جي اڳواڻي سنڌ پريس ڪلب مٺياڻي جو صدر نظام الدين مشوري سينئر نائب صدر ڀورل ڀٽي جرنل سيڪٽري محبوب علي قربان مشوري سائين ميرل شاه  ڪري رهيا  ان موقعي تي اڳواڻن  ڳالهائيندي چيو ته نيشنل پريس ڪلب نوشھروفيروز جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ سينيئر صحافي ضميرحسين لنڊ سدائين حق سچ لکيو آھي ۽ نوشھروفيروز ۾ منشيات ،جوا ۽ بدامني خلاف خبرون هلائڻ کانپوء  ايس ايڇ او نوشهروفيروز عبدالخالق شاه هن تي مڇرجي پيو ۽ کين بن جواز گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ صحافين پاران احتجاج کانپوء هن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو  جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ انکي اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان قلمڪار آھيون ۽ ھر ظلم خلاف سچ لکندا رهنداسين ۽ اسانکي ڪير به سچ لکڻ کان روڪي نٿو سگهي ٻئي طرف هنن آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي شھيد بينظيرآباد کان پرزور مطالبو ڪندي چيو آھي ته مذڪوره ايس ايڇ او خلاف سخت قدم کڻي کين فوري طور معطل ڪيو وڃي نت ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.