My WordPress Blog

شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي راشد شفيق جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جا سبب سامهون اچي ويا

0

راولپنڊي: (م ڊ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي شيخ راشد شفيق جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جا سبب سامهون اچي ويا آهن. ريٽرننگ آفيسر نظارت علي شيخ رشيد جي ڪاغذن تي اعتراض جون ڪاپيون ڏئي ڇڏيون آهن جنهن موجب شيخ رشيد احمد پنهنجن اثاثن جا مڪمل تفصيل نه ڏنا آهن. ريٽرننگ آفيسر موجب شيخ رشيد جي ظاهر ڪيل اثاثن جي ماليت سرمائيڪاري کان هڪ جهڙائي نٿي رکي. شيخ رشيد نامزدگي ڪاغذن ۾ سال 2021 کان 2023 جي آمدني جو ذڪر نه ڪيو آهي. شيخ رشيد ٻيلي کاتي مري جي ريسٽ هائوس جو بل ادا نه ڪيو، شيخ رشيد ريسٽ هائوس جو بل ادا ڪرڻ کان سواءِ 4 کان 9 سيپٽمبر 2022 تائين ريسٽ هائوس ۾ ترسيو.  شيخ رشيد جي مٿان 3 لک 22 هزار روپين جو سرڪاري بل واجب الادا آهي. شيخ رشيد جي نامزدگي ڪاغذن تي اهو اعتراض به لڳايو ويو آهي ته هن موضع سيال ۾ زمين خريد ڪئي پر جمع ڪيل گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو. ريٽرننگ آفيسر موجب شيخ راشد شفيق پنهنجي گهر واري جا ٽيڪس ريٽرنز  جمع ناهن ڪرايا. شيخ راشد  شفيق پنهنجي اثاثن جا مڪمل تفصيل ڏيڻ ۾ به ناڪام رهيو. ياد رهي ته شيخ رشيد جا اين اي 56 ۽ راشد شفيق جا اين اي 57 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.