My WordPress Blog

شائسته اصولن جو امين، انور بلوچ

0

محمد علي پٺاڻ

جنھن شخص سان سوين ماڻهو ته والھانه پيار ڪندا ھجن، ٻارَ به کيس پنھنجو دوست سمجهي تمام گهڻو ڀائيندا ھُجن، ان جي اچڻ جون واٽون شِدت سان نِھاريندا ھُجن، مٿس ٻلھار ٻلھار ويندي ڳل ڳراٽڙيون پائي انگل آرا ڪندا ھُجن، يقينن اُھو انسان پنھنجي ذات ۾ غير معمولي ھُجي ٿو. اسان انور بلوچ صاحب جي شخصيت به اھڙن ئي سدا بھار ماڻهن منجهان هڪ آهي. سدائين مُنھَن تي وِڄُ جي چمڪي جھڙي جڳمڳ جڳمڳ مرڪ سجائي ھلندڙ  جنھن سان به ھڪ دفعو ملي، اُھو سندس ٻاجهاري سُڀاءَ ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي خلوص جي خوشبوين جي ڪَڙي ۾ قيد ٿيو وڃي.

پھرين جنوري 1949ع جو اُھو ڀاڳوند ڏينھُن ھو. جڏھن ڪراچيءَ جي اُترئين پاسي جي گڏاپ کان اورتي ڳوٺ فقير محمد واڍيلي (ناناڻڪي ڳوٺ) ۾ بُڻيائتي زميندار گهراڻي جي ڌِڱَ مڙس محمد يوسف بلوچ جي پھريٽي پٽ جي حيثيت سان ھن جو جنم ٿيو.

جدگالي لھجي واري مادري سنڌي ٻوليءَ ۽ بلوچي ثقافت جي امتزاجي وايومنڊل ۾ سانڀر ۾ اچڻ کان پوءِ کيس پرائمري اسڪول “حاجي سائين رکيو ڳوٺ” ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پھريون درجو پڙھيو.

ان کان پوءِ پنھنجي ڏاڏاڻڪي گهر يعني ڪراچيءَ جي نوان لين ۾ “ڪي ايل ھڱوراڻي، اسڪول” ۾  ٻيو درجو پاس ڪيائين. جنھن بعد کيس “سينٽ مئٿوڊسٽ اسڪول” ۾ انگلش ميڊيم ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پنجون درجو پاس ڪرڻ کان پوءِ ڇھين کان اٺين تائين وري ناناڻڪي ڳوٺ ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکيائين. مئٽرڪ “اين جي وي ھاءِ اسڪول” مان پاس ڪيائين. جڏهن ته انٽر،” ايس ايم سائنس ڪاليج” مان ۽ بي اي “ڪراچي يونيورسٽي” مان ڪيائين. جتي ٻين قابل ۽ غير معمولي ذھانت رکندڙ استادن سان گڏ سنڌ جو برک اديب، شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر اياز قادري صاحب به سندس استاد رھيو. جنھن جي شاگرديءَ ۾ سندس علم ادب پڙهڻ واري اڳانھين عشق جو پيچ وڌيڪ پختو ٿيو.

وسيع مطالعي، شفاف سوچ ۽ گهَرَ جي مھذب ماحول ۾ تربيت سبب روشن خيالي ھن جي حياتيءَ جو اعليٰ حوالو آھي. گڏوگڏ مزاجن ٿڌي گهڙي جھڙو آهي. جيڪو پاڻ کي سدائين ڇانوَ ۾ ويھاريندو آهي. جنھن سان به دوستيءَ جو ناتو ڳنڍيندو، ان سان توڙ تائين ست درياهه ٽپي به پاڻ کي جُوڙي رکندو. ڪَسُ کائي ٻئي کي ڪَسَرَ ڏيڻ جو سبق ته ڪو ھن کان سِکي.

سخي ماءُ جو ھي “سَپَڙُ ڄامُ پُٽ” ڪنھن کي غربت جي مسئلن ۾ ڦاٿل يا اَگهائي ۽ ان سبب ان جي لاچاريءَ کي ڏسندو آهي، ته ڊڪي وڃي ان جو ڀرجهلو ٿيندو آهي. ھڪ ھَٿَ سان ڏيڻ ۽ ٻِئي کي اُنَ جِي سُڌِ نه ڏيڻ ۽ نه ئي اُھو ياد رکي ڪڏهن اُن جي پَچارَ جا لفظ پنھنجي زبان تي آڻڻ ھن جي شخصيت جا انتھائي اھم ڳُڻَ آھن. شاھ سائينءَ پڪ سان اھڙيون ئي وصفون رکندڙ انسان لاءِ لکيو هو ته :

ڪوڙين ڪايائُون، تنھنجيون لَکَنِ لَکَ ھَزارَ،

جِيءُ سَڀڪنھِن جيءَ سِين، دَرِسَنِ ڌارَئُون ڌارَ،

پِرِيَمَ تنھنجا پارَ، ڪھڙا چَئِي ڪھڙا چَوان.

منھنجي ھن سان ڄاڻ سُڃاڻَ محسن دوست انور پيرزادي جي ناتي اَسيءَ جي ڏھاڪي ۾ ٿي. جنھن کان پوءِ اِھا پروڙ پئي، ته اسان جي اديبن، شاعرن ۽ صحافين جو وڏو حلقو ھن جي دوستيءَ جي سڳي ۾ پوئيل آهي. جن ۾ اسلم آزاد جو نالو به شامل ھو ته، علي بابا، بدر ابڙي، بيدل مسرور، گل حسن ڪلمتي، رحمان گل پالاري، منظور مارفاڻي، رکيل مورائي، ادل سولنگيءَ جو به. جن مان ڪجهه ته ڏينھَنِ جا ڏينھَن ۽ مھينن جا مھينا به ھُنَ جي دل جي انتھائي سِڪَ واري وِشال اَڱڻ تي مھمان ٿي ٽِڪيل رھندا ھئا.

انور پيرزادي سان حياتيءَ ڀَرِ ته دوستي مَٿو مَٿي تي نڀاھِيائين، پر زندگيءَ جي آخري ڏينھَنِ ۾ به ھن جو ساڻس ساٿُ مثالي رھيو. جنھن سبب انور جي نالي سان سندس “اڪيڊمي” جو ڏيئو ٻريو. جنھن جي لاٽَ اڃان تائين ٻرندي رھي آھي ۽ اميد آهي ته رھندڙ دنيا تائين ٻرندي رھندي.

انور بلوچ پنھنجي ذات ۾ ھڪ وڏي درسگاهه جو درجو رکي ٿو. علم جي گھرائيءَ ۽ سچائيءَ جي حاصلات واري واقف توڙي اڻ واقف کي دوست سمجهي دل سان ان جي عزت ۽ احترام ڪندو آهي. لھجي جي شائستگيءَ سان رَوَيي جي شائستگيءَ کي ڳنڍي ھلڻ جي اصولن تي ڪاربند رھندو آھي. ڏيھَه واسين جي ڀلائيءَ ۾ سندس سوچ جو اڱڻ آسمان جيترو وسيع آهي. سياست جي ورھاڱي کان غلط رستن تي ڏکارو رھندي، ان اُميد جي دامن ۾ سندس ھَٿَ مضبوطيءَ سان پڪڙيل رھندا آھن، ته تعليم جي غربت جي ختم ٿيڻ سان سَرُ ضرور اڇو اجرو ٿيندو، جنھن ۾ ھنج روھن مان ڪَھِي اَچي ڪُڏندا، خوش ٿي مُنھُن کوڙي موتي چُڳندا ۽ تلاءُ سدائين ائين سينواريل نه رھندو.

سندس پرورش ھيٺ ان سوچ کي عَلَمُ بڻائي ۽ عمل جو ويسُ پھرائي ھن جو ننڍو ڀاءُ ۽ شھيدِ ملير مرتضيٰ بلوچ شينھُن ٿي ميدان ۾ لٿو. جنھن عوام دوست سياست کي وڏو اوج بخشيو ۽ جوانيءَ ۾ “ڪورونا” جي موتمار وَبا جي ڏينهنِ   ۾ متاثر ماڻهن جي پرگهور لھندي، انهن جي علاج معالجي کان وٺي، پيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تائين ڪنهن سورمي جو ڪردار ادا ڪندي سِرَ جي قربانيءَ سان ان کي جوڙي پنھنجي علائقي ۽ سنڌ ۾ مثال بڻجي، نئين تاريخ ٺاھي.

سو اڄ ان ڀلاين جي ڀنڊارَ ۽ ٻاجهاري انسان انور بلوچ صاحب جي چوھترھين سالگره جو ڏينھُن آهي. جنھن جون واڌايون سنڌ جي ھوائن ۾ ڦھلائيندي ڌڻيءَ در دعا آهي ته سٺي صحت سان گڏ سندس خوابن کي تَر و تازه رکي. جن جي تعبيرن لاءِ ھو ڪڏھن به وِرِچِي ناهي ويٺو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.