اسلام آباد: (م ڊ ) آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت تاحيات نااهلي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو هلندو يا چونڊ ايڪٽ؟ سپريم ڪورٽ مير بادشاهه قيصراڻي ڪيس ۾ تاحيات نااهلي بابت نوٽيس تي بينچ جوڙي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ سڀاڻي 2 جنوري تي ڏينهن جو ساڍي 11 وڳي ٻڌڻي ڪندو جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت بلالي لارجر بينچ ۾ شامل آهن. ياد رهي ته اڳوڻي حڪومت چونڊ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي هئي جنهن کان پوءِ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهلي جي مدي کي پنج سال ڪيو ويو هو. مذڪوره آرٽيڪل جي تحت ڪيترائي سياستدان نااهل ٿيا جن ۾ نوازشريف، جهانگير ترين ۽ ٻيا شامل آهن.