My WordPress Blog

ھالا  ۾غوثيه جماعت جي روحاني رھبر مخدوم شاھ محمود قريشي جي گرفتاري خلاف شھدادپور شھر کان ريلي ڪڍي

0

ھالا( رپورٽ خادم ابڙو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ غوثيہ جماعت جي روحاني رھبر مخدوم شاھ محمود قريشي جي گرفتاري خلاف شھدادپور شھر کان ريلي ڪڍي وئي،جيڪا مختلف شھرن کان ٿيندي ھالا قومي شاھراھ وٽ پھتي جتي مظاھرين شاھ محمود قريشي جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي،جتان ريلي جي صورت ۾ مظاھرين ھالا شھر جو گشت ڪندي ريلي ھالا پريس ڪلب وٽ پھتي،جتي مظاھرين پنجاب پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاھرين وڏيرو فواد آھپن،عبداللّه آھپن، ھاجي احمد خان آھپن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن سان ريلي ڪڍي وئي،ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ ھو تہ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود غوثيہ جماعت جي روحاني رھبر شاھ محمود قريشي کي نازيب طريقي سان گرفتار ڪيو ويو،جنھن جي جيتري مزمت ڪجي تہ گھٽ آھي، ھڪ مقبول ترين پارٽي جو وائيس چيئرمين ھجڻ ڪري ھن کي سزا ڏني پئي وڃي، ۽ سندس مٿان ھٿ ٺوڪيا ڪوڙا ڪيس ٺاھيا پيا وڃن، انتڪام جي آڙ ۾ مخالفن جي چوڻ تي نگران حڪومت ھڪ ڪريل قدم کنيو آھي، نگرام حڪومت کي سوچ ويچار کان ڪم وٺڻ گھجي،غوثيہ ثابرين عمل پسندس جماعت آھي، جنھن جي صبر جو ناجائزين فائدو ورتو پيو وڃي، ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪندي چيو تہ فوري طور نوٽيس وٺي غوثيا جماعت جي روھاني رھبر کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.