My WordPress Blog

گڊو پاور هائوس ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي وئي، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي معطل

0

ڪشمور: (م ڊ ) گڊو ٿرمل پاور هاءِ ٽرانسميشن سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي معطل ٿي وئي آهي. گڊو ٿرمل پاور هائوس جي اختيارين چيو آهي ته 500 ڪي وي جي هاءِ ٽرانسميشن لائين ۾ ڌماڪو ٿيو هو، فني خرابي ڪوهيڙي سبب پيش آئي. اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي پر باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 500 ڪي وي جون 3 لائنون ٽرپ ڪري ويون آهن جڏهن ته گرڊ اسٽيشن ۾ مرمتي ڪم جاري آهي. اختيارين چيو آهي ته ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، سکر، جعفرآباد، نصير آباد، اوسته محمد، صحبت پور، بولان، سبي، ڊي جي خان، راجن پور ۽ رحيم يار خان ۾ بجلي معطل آهي جنهن کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.