خيرپور: (رپوٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ جا اين اي 202 خيرپور تان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن. صحافين سان ڳالهيون ڪندي منظور وساڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي خواهش آهي ته چونڊون ملتوي ٿين، جيڪڏهن هن صورتحال ۾ عام چونڊون ملتوي ٿيون ته اهي ڊگهي وقت جي لاءِ هونديون. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نوازشريف جي مٿان جنهن جو به هٿ هجي پر اسان کيس وزيراعظم بنجڻ نه ڏينداسين، اسان انشاءَالله بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بنائينداسين. ياد رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن طرفان 8 فيبروري ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي مرحلي کان پوءِ اليڪشن ٽريبونل جو مرحلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي جيڪو 3 جنوري تائين جاري رهندو.