راولپنڊي: (م ڊ ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته منهنجي ڪاميابي کي ڏسي مون کي ناهل قرار ڏنو ويو آهي پر مان پنهنجو حق نه ڇڏيندس. نامزدگي ڪاغذن جي رد ٿيڻ تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سڀاڻي کان هينئر تائين منهنجي پوري ڪوشش هوندي ته مون کي فيصلي جي ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن سپريم ڪورٽ کان پنهنجو حق حاصل ڪريان مان پنهنجي حق جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ويڙهه وڙهندو رهندس. جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ هن ٻڌايو ته ڪالهه مون کي گهرائي ٻڌايو ويو ته 12 سال اڳ مري جي ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ رهڻ جي آڌار تي 942 روپيه ادا نه ڪيا جنهن تي مون کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. شيخ رشيد احمد چيو ته اهو هڪ ڪُڌو مذاق آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. 50 سالن ۾ ڪوبه ثابت ڪري ته مان ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ رهيو آهيان ته مان سياست تان هٿ کڻڻ جي لاءِ تيار آهيان. شيخ رشيد احمد چيو ته اين اي 56 ۽ اين اي 57 تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان پي ٽي آءِ جا ووٽرز مون کي سپورٽ ڪري رهيا هئا. پي ڊي ايم کي ڀڄڻ جو ڪوبه رستو نه ملندو ۽انشاءَالله تاريخي ڪاميابي سان کٽينداسين. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته سازشون ڪندڙ ماڻهو جن معاشي، سياسي ۽ اقتصادي طور تي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو اهي ٻيهر لنڊن ڀڄي ويندا پر اسان کي پاڪستان ۾ رهڻو آهي ۽ هتي ئي مرنداسين. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن شيخ رشيد جا اين اي 56 ۽ اين اي 57 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا.