My WordPress Blog

عام چونڊون: نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ وارن فيصلن تي اپيلون سڀاڻي کان داخل ٿينديون

0

اسلام آباد: (م ڊ ) عام چونڊن جي لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جي فيصلن خلاف اليڪشن ٽربيونلز ۾ سڀاڻي کان اپيلون داخل ڪيون وينديون. سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرڻ، منظور يا رد ٿيڻ جو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن تي اپيلن جو عمل سڀاڻي کان 3 جنوري تائين جاري رهندو. اپيلن تي چونڊ ٽربيونل 10 جنوري تائين فيصلو ڪندا جڏهن ته اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ 12 جنوري تائين واپس وٺي سگهندا. اميدوارن کي چونڊ نشان 13 جنوري تي ڏنا ويندا جڏهن ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون. ملڪ جي مختلف ضلعن ۾ ريٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جو عمل مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اميدوارن جون فهرستون جاري ڪيون ويون. اهڙين فهرستن ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ٿيلن ۾ ملڪ جون ڪيتريون ئي وڏيون سياسي شخصيتون به شامل هيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.