My WordPress Blog

توشه خانه تحفن جي قيمت بابت نيب جي جاچ رپورٽ ۾ اهم انڪشاف سامهون اچي ويا

0

اسلام آباد: (م ڊ ) سعودي ولي عهد کان پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي ملندڙ تحفن جي قيمت بابت نيب جي جاچ رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. نيب طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب دبئي مان تحفن جي قيمت لڳرائڻ تي خبر پئي ته پاڪستان ۾ تحفن جي قيمت گهٽ لڳائي ناڻي کي 1 ارب 57 ڪروڙ، 37 لک روپين جو نقصان پهچايو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 3 ارب 16 ڪروڙ جي تحفن جي قيمت پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک لڳائي وئي اڌ رقم يعني 90 لک ادا ڪري تحفا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا. نيب رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تحفن جي صحيح قيمت جانچ ڪرڻ جو نظام پاڪستان ۾ موجود ئي نه آهي. پاڪستان ۾ ڪوبه ادارو سعودي شهزادي کان مليل جيولري سيٽ جي قيمت نه لڳائي سگهيو. رپورٽ موجب ايف بي آر، ڪليڪٽوريٽ آف ڪسٽمز جي ڪميٽي تحفن جي قيمت لڳائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي هئي. تحفن جي قيمت لڳائڻ جي  سلسلي ۾ انڊسٽريز اينڊ پروڊڪشن ڊويزن  سان به رابطو ڪيو ويو. انڊسٽريز اينڊ پروڊڪشن ڊويزن ٻڌايو ته جيمز اينڊ جيولري ڊوالپمينٽ ڪمپني ئي غير فعال آهي جڏهن ته جيمز اينڊ جيولري ٽريڊرز ايسوسيئيشن به قيمت جو اندازو نه لڳائي سگهي. رپورٽ موجب تحفن جي قيمت ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان منرل ڊوالپمينٽ ڪارپوريشن به قيمت ٻڌائڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي. برطانيه، عرب امارات، اٽلي ۽ سوئٽزرلينڊ، ايم ايل اي اماڻي پر اتان کان به ڪوبه جواب نه مليو. نيب رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته دبئي ۾ پاڪستاني قونصليٽ جنرل ذريعي ايمبو ايمپيڪس ايف زيڊ اي جي عمران بشير جون خدمتون ورتيون ويون. هن ٻڌايو ته تحفن جي اصل قيمت 3 ارب 16 ڪروڙ 55 لک روپيه بڻجي ٿي. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي 1 ارب 57 ڪروڙ 37 لک روپيه ادا ڪري تحفا رکي سگهيا ٿي پر انهن 90 لک ادا ڪري تحفا رکي ڇڏيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سرڪاري آفيسرن جي خلاف رشوت يا مالي فائدا وٺي گهٽ قيمت ٻڌائڻ جي ثبوت نه مليا. مالي فائدن جا ثبوت نه ٿيڻ تي سرڪاري آفيسرن کي جوابدار نه ٻڌايو ويو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.