راولپنڊي: (م ڊ ) ڪوئٽه جي ضلعي آواران جي علائقي ماشڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به تباهه ڪيو ويو جڏهن ته هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد جو ذخيرو هٿ ڪيو ويو. علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر ترجمان چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي روڪڻ جي ڪوششن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.