نصيرآباد: (رپوٽر) انڊس هاءِ وي تي ڄاڃين جي ڪوسٽر حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب نصيرآباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڄاڃين جي ڪوسٽر حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ 24 ورهين جو نجيب علي، 30 رهين جو جاويد علي ۽ 25 ورهين جو محمد شهريار شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ گهوٽ صدورو، ڪنوار بصران، ٻارڙي صائمه، طاهره، اختيار علي، حمير علي، زبير احمد، ذاڪر علي، مزمل علي حسين، مدثر علي، عبداللطيف ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين ۽ فوت ٿيلن کي نصيرآباد اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي فوري طبي امداد کان پوءِ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڃي لاڙڪاڻو جي شهر بنگل ديرو جا رهواسي هئا جيڪي ڪراچي کان شادي ڪرائي لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ بنگل ديرو وڃي رهيا هئا ته ڪوسٽر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري نصيرآباد ڀرسان چنهڙ ويجهو وڻ سان ٽڪرائجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.