اسلام آباد: ( م ڊ ) پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران 4.44 هزار ارب روپين کان وڌيڪ جو ٽيڪس جمع ڪري آءِ ايم ايف جي هڪ بنيادي شرط کي پورو ڪري ڇڏيو آهي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران انڪم ٽيڪس 730 ارب روپيه اضافي سان گڏ 2.13 هزار ارب روپيه وصول ڪيا ويا جيڪو حدف کان به 335 ارب روپيه وڌيڪ آهي. سيلز ٽيڪس 20 سيڪڙو اضافي سان گڏ 1.5 هزار ارب روپيه جمع ڪيو ويو جيڪو مقرر حدف کان 220 ارب روپيه گهٽ آهي. جنهن جو بنيادي سبب امپورٽس ۾ گهٽتائي رهي. فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 65 سيڪڙو اضافي سان گڏ 265 ارب روپيه جمع ٿيا جيڪو گذريل مالي سال 105 ارب روپيه هو. ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 540 ارب روپيه جمع ڪيا ويا جيڪي مقرر حدف کان 100 ارب روپيه گهٽ آهن. ان دوران ايف بي آر کي 3.6 ملين انڪم ٽيڪس ريٽرن موصول ٿيا. جڏهن ته آءِ ايم ايف جي شرط کي پورو ڪرڻ لاءِ اهو تعداد جون 2024 تائين وڌائي 6.5 ملين ڪرڻي آهي. ايف بي آر جي چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ان حوالي سان چيو ته ايف بي آر ايندڙ مهيني هڪ نئون سرڪيولر جاري ڪندو جنهن ۾ انهن ماڻهن جا نالا هوندا، ريٽرن جمع نه ڪرائڻ تي انهن جا بجلي، گيس ۽ موبائيل فون جا ڪنيڪشن بند ڪيا ويندا ايف بي آر طرفان خبردار ڪيو ويو آهي ته 28 ڊسمبر تائين ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته ٽيڪس ايٽر 2022 جي دوران 5.3 ملين ماڻهن پنهنجا ساليانا انڪم ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا هئا، جن مان هر چئن مان هڪ فائلر زيرو ٽيڪس جمع ڪرايو هو.