ميرپورماٿيلو سنڌي ادبي سنگت ضلعي گھوٽڪيء پاران نئين ٽهيء جي خوبصورت شاعر سومري دوست جي شعري مجموعي “حيراني” جي مهورتي تقريب
گهوٽڪي(رپورٽ؛ هادي بخش جلباڻي) ميرپورماٿيلو سنڌي ادبي سنگت ضلعي گھوٽڪيء پاران نئين ٽهيء جي خوبصورت شاعر سومري دوست جي شعري مجموعي “حيراني” جي مهورتي تقريب سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل نامياري ليکڪ، شاعر ۽ دانشور مانائتي تاج جوئي جي صدارت هيٺ اخلاص ماڊل اسڪول ميرپورماٿيلي ۾ ٿي گذري. تقريب جا خاص مهمان ناميارو ليکڪ، تنقيدنگار مانائتو ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ۽ صاحب ڪتاب سومرو دوست هئا. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري مانائتو آزاد انور ڪانڌڙو، مرڪزي آڊيٽر حسين سارنگ ، ناميارو شاعر مفتون ڪورائي، بهترين تنقيدنگار ۽ ڪهاڻيڪار محمد دين راڄڙي، سهڻو شاعر امر کهاوڙ ، نئين ٽهيء ۾ شاعريءَ جو خوبصورت نالو فواد ڪلوڙ، ليکڪ ۽ ترجمہ نگار پروفيسر طالب کوکر، خوبصورت شاعر، اديب صفر ڪلهوڙو، بهترين ليکڪ ۽ مقرر رئوف پارس دايو بهترين ليکڪ ۽ مقرر عبدالحفيظ چنا، سينيئر ادبي ساٿي ،سياسي سماجي اڳواڻ ڪامريڊ جمال شاهه اعزازي مهمان هئا. پروگرام جي شروعات شاهه جي بيتن سان ڪئي وئي. سنڌي ادبي سنگت ضلعي گھوٽڪيء جي رابطا سيڪريٽري آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو ۽ کين اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. هن خوبصورت تقريب ۾ سومري دوست جي شاعريءَ تي محترم تاج جوئي، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ،آزاد انور ڪانڌڙي، حسين سارنگ، محمد دين راڄڙي ، فواد ڪلوڙ، امر کهاوڙ، طالب کوکر مقالا پڙهيا، جڏهن ته اياز لطيف دايو پاران، مصروفيت سبب پروگرام ۾ شرڪت نه ڪري سگهڻ باوجود پنهنجو مقالو ڏياري موڪليو ويو. مهمانن پاران دوست جي شاعريءَ جي فڪري ۽ فني پاسن تي ڳالهايو ويو. مقالا نگارن ۽ مقررين ڳالهائيندي چيو ته سومري دوست جو شعر تخيل ۽ فن ۾ مضبوط آهي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ دوستي، طبقاتي جدوجهد، رومانيت، سماجيات سميت ڪيترائي موضوع شامل آهن. هن جي شاعراڻي پنڌ جي پهرين وک ڪارائتي ۽ فڪري پختگي توڙي فني حسن جو حسين سنگم آهي، دوست پنهنجي ٽهيء ۾ سٺو مقام رکندڙ شاعر آهي هو جيڪڏهن شعري جدت کي ساڻ کڻي هلندو رهيو ته شعر ذريعي اڃا وڌيڪ مڃتا ۽ ڪاميابي ماڻيندو. هن شاندار تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ناليواري شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين، نامياري شاعر، اديب ۽ ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر مهر خادم، سڪندر مگسي، درگاهي گبول، لطيف لغاري، اياز کهاوڙ.منظور نائچ، جي ايم لاڙڪ، نوبت ڏهر، عبدالحئي ڀٽو، الهورايو بوزدار، علي حسن منگي، مجيد سنگهڙ، اصغر انجم، ڪامريڊ ستار گهوٽو ، عبدالسميع وسير، ڪامريڊ سريش لال، استاد قربان ميراڻي، ايڊووڪيٽ راهب ملاڻو، بيخود بلوچ، امداد جسڪاڻي، امر ساحل، م ر مسافر، ربنواز کوسو، ناصر چاچڙ، حيدر سنڌي، مسافر پتافي، گل لنڊ، حامد گبول، حارف لنڊ، نوبت علي ڏهر، قاضي محبوب، مجيب الرحمان، محمد يعقوب ، شهيد شوڪت، وحيد مهراڻ، غلام شبير، احمد لطيف، امتياز نائچ، محمد حنيف، محمد شريف، استاد محمد ايوب بوزدار، وحيد چنا، ساجد حسين گبول، عمار دايو، نظر سومرو، مسافر پتافي، ضامن علي، نظر علي، محمد عطر، سينگار علي، فيض احمد بوزدار، آفتاب سومرو، ساجد مهر، صفدر دايو، زاهد پتافي، ڊاڪٽر نثار احمد شاهه، فرمان جسڪاڻِي، غمگين نوحاڻِ، جنيد احمد جلباڻي، وقار احمد بوزدار، ميوو گبول، شاهد حسين سومرو، جابر چاچڙ، ڪرم بوزدار، همدرد حميد، علي رضا ميمڻ، راحب ميمڻ، غلام رسول قاضي، عجب گل، وشال ڪمار آزاد مهر،جنيد ميرپوري، قمبر علي سومرو، نديم عباسي، مير حسن ڪڪڙو، ڪاشف رضآ، دانش علي، علي منصور، آسي عجيب، اسدالله چنه، احسان ڪلادي، جاويد ڪنڀر، فقير ڪامل لکڻ، الله بخش پتافي، عرفان ڪلهوڙو، عابد حسين چاچڙ، وقار ڪلهوڙو سميت ٻين ڪيترن ئي اديبن ،شاعرن۽ مختلف شعبن جي ماڻهن شرڪت ڪئي. مهورتي تقريب جي ڪاروائي سهڻي شاعر سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي خزانچي ۽ شاخ ميرپور ماٿيلي جي هاڻوڪي ڪائونسلر پريم پتافي هلائي..