لاهور: (م ڊ ) لاهور جي علائقي ۾ هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن. پوليس موجب اهو واقعو لاهور جي علائقي چوبنگ ۾ پيش آيو جتي گهر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي. پوليس ٻڌايو ته باهه ڏسندي ئي ڏسندي گهر کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ فائربرگيڊ جون گاڏيون موقعي تي پهچي ويون. فائربرگيڊ جي اهلڪارن باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ کان پوءِ گهر مان 3 ڄڻن جا سڙيل لاش ڪڍي ورتا آهن. پوليس موجب سڙي فوت ٿيلن ۾ 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن جن کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته گهر ۾ باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پوليس موجب باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيلن ۾ افتخار حسين، سندس گهر واري ۽ ڌيءَ شامل آهن ٽئي ڄڻا پنج ماڙ گهر جي پهرين منزل تي رهائش پذير هئا. ريسڪيو ذريعن موجب گهر ۾ باهه جو واقعو هڪ وڳي پيش آيو. گهر جي گرائونڊ فلور تي رهندڙن ريسڪيو کي باهه لڳڻ جي اطلاع ڏني. پاڙيوارن دروازو ڀڃي باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا، تنگ گهٽيون هجڻ سبب ريسڪيو کي باهه تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. ريسڪيو طرفان پاڻي واٽر پائيپ جوڙي پاڻي واقعي واري هنڌ تائين پهچايو جنهن کان پوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو. ٽئي سڙي فوت ٿيل مٿانهين منزل تي واقع هڪ ئي ڪمري ۾ ستل هئا. ٽنهي ڄڻن جي لاشن کي پوليس ايدهي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب باهه لڳڻ جو سبب اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي.