My WordPress Blog

فواد چوڌري وڌيڪ 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

0

اسلام آباد: (م ڊ ) احتساب عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي ڪرپشن ڪيس ۾ وڌيڪ 6 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير فواد چوڌري جي خلاف جهلم ۾ تعمير هيٺ منصوبن ۾ خردبرد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ نيب سندس 10 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو. جڏهن ته فواد چوڌري طرفان سندس وڪيل فيصل چوڌري دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته پهريان 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهريو ته 10 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مليو هو، بينڪنگ رڪارڊ گهرايو آهي جنهن تي خرد برد جو شڪ ٿيو آهي. ڪنٽريڪٽر کي به 2 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 16 مان 8 ڪنال جي زمين فواد چوڌري جي نالي ڪئي وئي. ڪنٽريڪٽر فواد چوڌري جي نالي 8 ڪنال جي زمين خريد ڪئي، 2 جنوري تي تعميري منصوبن سان جڙيل 2 ماڻهن کي طلب ڪيو آهي. جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي ان ڪري وڌيڪ 10 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن جاچ مڪمل ڪري سگهجي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي جسماني ريمانڊ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. احتساب عدالت ڪجهه دير کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي فواد چوڌري جو 6 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي کيس نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وڪيلن سان ملاقات به ڪرائي ڇڏي جڏهن ته فواد چوڌري کي 5 جنوري تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.