My WordPress Blog

عمران خان جي اثاثن ۾ 5 سالن دوران 27 ڪروڙ 72 لک 55 هزار روپين کان وڌيڪ جو اضافو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) عمران خان جي اثاثن ۾ گذريل پنج سالن دوران 27 ڪروڙ 72 لک 55 هزار روپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿي ويو. رپورٽ موجب عمران خان طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ذريعي اثاثن جا تفصيل سامهون آيا آهن. سال 2018 ۾ عمران خان جي اثاثن جي ماليت 3 ڪروڙ 86 لک 94 هزار روپيه هئا ۽ تازو جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن موجب 2023 ۾ اثاثن جي ماليت 31 ڪروڙ 59 لک 50 هزار روپين کان وڌيڪ آهي. عمران خان زمان پارڪ لاهور ۾ 7 ڪنال 8  مرلن جو گهر ورهاست ۾ ظاهر ڪيو آهي. زمان پارڪ جي گهر جي تعمير تي 4 ڪروڙ 86 لک روپين کان وڌيڪ جو خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي. بني گالا ۾ 300 ڪنال ايراضي بطور تحفي ۾ ظاهر ڪئي وئي آهي. بني گالا گهر جي ڊيڪوريٽ ۽ ريگولرائزيشن جي مد ۾ 39 لک روپين کان وڌيڪ جو خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي علائقي مهره نور ۾ 50 لک ماليت کان وڌيڪ جي 6 ڪنال، 16 مرلا ايراضي ظاهر ڪئي وئي. اسلام آباد جي شاپنگ پلازه ۾ 12 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي دوڪان به ظاهر ڪئي وئي آهي. 3 ڪروڙ 40 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي ٻن ڪمرن جو فليٽ به اسلام آباد جي پلازا ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. عمران خان بهکر ۾ ورهاست ۾ مليل 188 ڪنال ايراضي به نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪئي آهي. جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن موجب عمران خان ڪنهن هڪ گاڏي جو مالڪ نه آهي. عمران خان وٽ 3 ڪروڙ 15 لک روپين کان وڌيڪ روڪ رقم موجود آهي. اسلام آباد جي مختلف بينڪ اڪائونٽس ۾ 6 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي رقم ظاهر ڪئي وئي آهي. 2 لک روپين جون چار ٻڪريون به تفصيلن ۾ ٻڌايون ويون آهن. توشه خانه مان خريد ڪيل قيمتي شين جي قيمت 1 ڪروڙ 18 لک 77 هزار کان وڌيڪ ظاهر ڪئي وئي. عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي نالي پاڪپتن ۽ ديپال پور ۾ 698 ڪنال ايراضي ظاهر ڪئي وئي آهي. بشريٰ بي بي جي نالي بني گالا ۾ 3 ڪنال جو گهر به عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. عمران خان ايف بي آر وٽ 2021ع ۾ 14 ڪروڙ 10 لک روپين کان وڌيڪ اثاثا ظاهر ڪيا. هڪ سال جي دوران 2022ع ۾ اثاثن جي ماليت وڌي 32 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٿي وئي. ايف بي آر سرٽيفڪيٽ موجب عمران خان 2023 ۾ اثاثن جي ماليت 31 ڪروڙ 59 لک روپيه ظاهر ڪئي. عمران خان پنهنجي تعليمي قابليت پوليٽيڪل سائنس ۾ بي اي ظاهر ڪئي آهي. عمران خان موجوده پيشو فلنتهروپسٽ ظاهر ڪيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.