My WordPress Blog

عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جو اڄ آخري ڏينهن

0

اسلام آباد: (م ڊ ) چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جو اڄ آخري ڏينهن آهي. نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ جي خلاف اپيل 3 جنوي تائين ڪري سگهجي ٿي ۽ اهڙين اپيلن تي چونڊ ٽربيونل 10 جنوري تائين فيصلو ڪندا. اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ 12 جنوري تائين واپس وٺي سگهن ٿا. اميدوارن کي چونڊ نشان 13 جنوري تي ڏنا ويندا جڏهن ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن موجب سڄي ملڪ مان 28 هزار 626 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي لاءِنظرثاني ٿيل  چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. عورتن ۽ اقليتن جي نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جي آخري تاريخ 13 جنوري هوندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.