سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سڏ تي ڦلجي اسٽيشن پاران سنڌ جي ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي ۽ سنڌ جي زمين نيلامي خلاف احتجاج
ڦلجي اسٽيشن ( رپورٽ : اسلم آزاد سومرو ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سڏ تي دادو ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جو ڦلجي اسٽيشن شاخ سيتا روڊ دادو پاران سنڌ جي خوبصورت ماڳ ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي ۽ سنڌ جي زمين نيلامي خلاف شاعرن اديبن. ۾ وفاياسين آرائين رجب آزاد قاسم پنھور يعقوب پنھور مارو جمالي وسيم سيتايئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي خوبصورت ماڳ ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي ڪري سنڌ جي سونھن کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي . ھنن چيو ته سنڌ جي خوبصورت ماڳ ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي سميت سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ ۾ نيلام ڪري سنڌين سان ويساھ گھاتي ڪئي پئي وڃي .آخر ۾ ھنن آعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جي خوبصورت ماڳ ڪارونجھر جبل سميت سمورن قديم ماڳن خلاف ڪاروايون ڪرڻ بجاء انھن جي حفاظت لاء جوڳا اپاء ورتا وڃن ۔