My WordPress Blog

بيٽ جو چونڊ نشان: اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0

اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان بيٽ جو نشان بحال ڪرڻ جي حوالي سان پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي  تي انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل فيصلي تي مشاورت کان پوءِ قانوني ماهرن سان به مشاورت ڪئي جيڪا مڪمل ٿي وئي آهي. مشاورت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن پشاور هاءِ ڪورٽ انٽراڪورٽ اپيل تي رليف نه ڏنو ته پوءِ ٻئي مرحلي ۾ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيندي بيٽ جو نشان واپس وٺي ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو.  پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي فيصلي کي 11 جنوري تائين ملتوي ڪندي بيٽ جو چونڊ نشان بحال ڪري ڇڏيو هو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.