My WordPress Blog

بلاول ۽ فريال ٽالپر جا نامزدگي ڪاغذ منظور: فهميده ۽ ذوالفقار مرزا جا رد

0

لاڙڪاڻو: (بيرو رپوٽ) عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جا لاڙڪاڻي مان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 ۽ اين اي 196  تان بلاول ڀٽو جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي عورت اڳواڻ ۽ آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 10 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا. ان کان علاوه لاڙڪاڻي جي ئي تڪ اين اي 194 تان جي يو آءِ جي راشد محمود ۽ 196 تان جي يو آءِ جي ناصر محمود جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا جن جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چونڊن ۾ مقابلو ٿيندو. هوڏانهن لاڙڪاڻو مان ئي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 11 ۽ پي ايس 12 تان جي ڊي اي جي اميدوار معظم عباسي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا جڏهن ته تڪ اين اين 195 تان جي ڊي اي جي صفدر عباسي جي نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن. ٻئي طرف بدين تان قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 223 تان جي ڊي جي اميدوار ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا جڏهن ته سندس مڙس ذوالفقار مرزا ۽ سندن پٽ حسام مرزا جا اين اي 223 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. بدين جي تڪ اين اي 223 تان پيپلز پارٽي جو اميدوار رسول بخش چانڊيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.