My WordPress Blog

اسلام آباد جي عدالت منظور پشتين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ )  جوڊيشل مئسجٽريٽ ياسر چوڌري پشتون تحفظ موومينٽ(پي ٽي ايم) جي اڳواڻ منظور پشتين جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي کيس جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ منظور پشتين خلاف ترنول ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پوليس منظور پشتين کي 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران پوليس منظور پشتين جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. جڏهن ته جوابدار جي وڪيل طرفان ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي. عدالت پوليس طرفان جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري منظور پشتين کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ۽ ضمانت جي درخواست تي ڌرين کي 2 جنوري جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.